غربت جو خاتمو ۽ ڀائيواري نظام
ڀائيواري نظام جو بنيادي مقصد آهي ته پاڻيءَ جي
ورڇ وارو انصاف ڀريو معاشرو قائم ڪجي. آبادگار
پنهنجي پاڻي جي پاڻي مالڪي ڪن ۽ گڏجي پاڻيءَ جي
چورين کي روڪين ۽ آبيانو گڏ ڪري شاخن ۽ واٽر
ڪورسن جي ترقي تي استعمال ڪن. دنيا جي ڪيترن ئي
ملڪن جھڙوڪ انڊونيشيا، چين، ميڪسيڪو، ويٽنام،
هندستان، ترڪي، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ۾ اهو نظام
هلي رهيو آهي ۽ ڪيترن ملڪن ۾ ڪاميابي پڻ حاصل
ڪري چڪو آهي. ان ڪاميابي کي نظر ۾ رکندي پاڪستان
پڻ اهڙي پروگرام کي عمل ۾ آندو آهي. پاڪستان جي
چئني صوبن اهو پروگرام گڏوگڏ شروع ڪيو هيو. پر
سنڌ جو صوبو ٻين صوبن کان اڳڀرو ثابت ٿيو آهي ڇو
ته سنڌ حڪومت ان جي ڀرپور موٽ ڏني آهي. سنڌ
حڪومت جو اهو قدم آبادگارن طرفان تعريف جوڳو
قرار ڏنو ويو آهي، ۽ ان سلسلي ۾ 1997ع سيڊا جو
قيام عمل ۾ آندو آهي ۽ هن وقت تائين اٽڪل 200
آبادگار تنظيمون قائم ٿي چڪيون آهن.
دنيا
جي ڪيترن ملڪن ۾ هن نظام سان گڏوگڏ غربت ختم ڪرڻ
جا پڻ سانياها ڪيا ويا آهن. جيڪي ننڍا آبادگار
آهن. انهن کي مختلف ننڍا وڏا قرض ڏئي پنهنجن
پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جنهن جي
ذريعي ماڻهن ڪافي ترقي ڪئي آهي. هن نظام کان اڳ۾
جيڪو پاڻي جو ورهاست وارو نظام هيو ان ۾ ننڍن
آباگارن کي ڪنهن به قسم جي سهولت مهيا ڪو نه
هوندي هئي. پر ڀائيواري نظام هيٺ دنيا ڪيترن
ملڪن ۾ ننڍن آبادگارن کي هر ۽ ٻيا زمينن ۾
استعمال ٿيندڙ اوزارن مٿان ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي
ته جيئن هو ماڻهو پنهنجي زراعت ۾ استعمال ٿيندڙ
مشينري کي آسان قسطن تي بنا وياج جي وٺي سگھن.
ان جو اهو مثال بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ سريلينڪا
آهي. بنگلاديش جھڙي ملڪ ۾ نه صرف اهي اوزار پر
ساڳئي وقت زمين جي کيڙي جا اوزار جھڙوڪ زيرو
ٽليج مشين وغيره تمام سستن اگھن تي مهيا ڪيو ويو
آهي ته جيئن هو آباديءَ مان وڌيڪ اُپت حاصل ڪن ۽
سندن ناڻو وڌي صرف اهو پر ٻج ۽ ڀاڻ جون قيمتون
ڪافي حد تائين گھٽايون ويون آهن. بنگلاديش ۾ ان
سلسلي ۾ گرامين بينڪ جو اهم ڪردار رهيو آهي.
بنگلاديش ۾ اها سهولت ان ڪري ڏني وئي آهي ته
جيئن ننڍا آبادگار بهتر نموني سان پنهنجي ۽
پنهنجين ٻچن جي زندگي بهتر نموني گذاري سگھن.
ساڳيو مثال ميڪسيڪو، انڊونيشيا ۽ ترقي جي ترقي
لاءِ به ڏئي سگھجي ٿو. پاڪستان پڻ هڪ غريب ۽
ترقي پذير ملڪ آهي. جنهن جي 40 سيڪڙو آبادي غربت
جي لڪير کان هيٺ رهي ٿي. جيڪڏهان ڀائيواري جي
نظام سان گڏوگڏ اسان ننڍن آبادگارن لاءِ ان قسم
جا پيڪيج تيار ڪيون ته اسان جلد ئي ترقي جون ڪجھ
منزلون ڇهي سگھنداسين. هن انتهائي مختصر ڳالھ
مان محسوس ٿئي ٿو ته دنيا جا ماڻهو 21 صدي ۾
نئين ترقي جا پنهنجي لاءِ انصاف ڀريا معاشرا
قائم ڪرڻ گھرن ٿا. جنهن لاءِ سخت محنت جي ضرورت
آهي. سنڌ پڻ معدني وسيلن ۾ امير صوبو هئڻ باوجود
غريب آهي. جنهن جي 1999ع کان زيرو ڏاهائي
پندرنهن سيڪڙو جي ڊي پي
(G.D.P)
گھٽ رهي آهي. جڏهن ته ٻين صوبن ۾ هڪ ڏهائي 30
سيڪڙو جي ڊي پي
(G.D.P)
وڌي رهي آهي. ( اهي انگ اکر عالمي بينڪ پنهنجي
رپورٽ ۾ ڄاڻايا آهن) جي ڊي پي جي لاٿ ۾ سنڌ ۾
پاڻي جي کوٽ جو وڏو عمل دخل آهي. اسان کي پڻ سنڌ
۾ ڀائيواري جي نظام سان گڏوگڏ ننڍن ۽ غريب
آبادگارن کي بهتر سهولتون ڏيڻ گھرجن.