واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪ (WSIP)
 

 

واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (WSIP) هڪ تعارف

 واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ غربت گھٽائڻ لاءِ، زراعت واري پاڻيءَ جي بهتر نموني سان فراهمي، ٻهراڙيءَ ۾ روزگار فراهم ڪرڻ ۽ صوبي ۾ خوراڪ مھيا ڪرڻ کي يقيني بنائڻ ۽ ان کان علاوه پاڻيءَ جي وسيلن کي وڌيڪ بھتر ۽ جٽادار بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندو. هيءُ پراجيڪٽ آبپاشي ۽ کاري پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي کي بھتر بنائڻ وارين سرگرمين کي وڌائڻ ۽ نيشنل ڊرينيج پروگرام (اين ڊي پي) پراجيڪٽ تحت هلندڙ ادارتي سڌارن کي پائدار ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو.

 پراجيڪٽ جا مقصد:

 وسپ جو اصل مقصد، پاڻي جي وسيلن جي صحيح استعمال ۽ ان جي نظام کي مؤثر ۽ پائيدار بنائڻ ۾ سنڌ سرڪار جي مدد ڪرڻ هوندو. اهڙو مقصد پاڻيءَ جي صحيح ۽ ضرورت آهر ورڇ ۽ استعمال، پاڻي جي نظام ۾ آبادگارن ۽ اسٽيڪ هولڊرن جي ڀرپور نموني سان وڏي تعداد ۾ شامل ٿيڻ سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿو. هن پراجيڪٽ مان جيڪي نتيجا حاصل ڪرڻ جي توقع آهي. اهي هي آهن:

 (الف) سرشتي کي هلائڻ ۽ ان جي سارسنڀال لهڻ واري صورتحال کي بهتر بنائڻ.

(ب) پاڻي جي برابر ورهاست.

 (ت) پاڻيءَ جي جائز حقن کي مدنظر بنائڻ، ته جيئن پاڻيءَ منجھان وڌ کان وڌ زرعي اپت حاصل ڪري سگھجي.

 (ث) آبادگارن جي ڪمائيءَ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ٻہراڙيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي جياپي وارين حالتن کي سڌارڻ.

 (ج) سيڊا، ايريا واٽر بورڊن ۽ آبادگار تنظيمين جي ذريعي آبپاشي ۽ کاري پاڻيءَ جي نيڪال واري نظام کي هلندڙ ادارتي سڌارن ذريعي مؤثر ۽ مستحڪم بنائڻ.

 پراجيڪٽ جو دائرو:

 هن پراجيڪٽ جي دائري ۾ ٽن ايريا واٽر بورڊن يعني نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ، گھوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽر بورڊ ۽ ليفٽ بئنڪ ڪئنال ايريا واٽر بورڊ، شامل آهن.

 پراجيڪٽ جا مقصد:

1)          9 مين ڪئنالن (726 ڪلو ميٽر) ۽ 17 برانچ ڪئنالن (1441 ڪلو ميٽر) کي سڌارڻ.

2)         ڊائريڪٽ آئوٽ ليٽن ۽ لفٽ مشينن کي ڪنٽرول ڪرڻ.

3)         اي پي ايم ايس (APMS)  بدران منظور ٿيل ماڊيولن جو انتظام ڪرڻ.

4)         ٽنهي ايريا واٽر بورڊن جي 173 ڊسٽريبيوٽرين ۽ ننڍن ڪئنالن (1527 ڪلو ميٽر) کي سڌارڻ.

5)         سماجي ۽ معاشي اثر تجويز ڪرڻ ۽ مانيٽرنگ ڪرڻ لاءِ چونڊيل ڪلراٺن علائقن ۾، ڊسٽريبيوٽرين ۽ مائينرن جي نشاندهي ڪيل هنڌن (145 ڪلو ميٽر) ۽ 10 ڊسٽريبيوٽرين (112 ڪلو ميٽر) جي لائيننگ ڪرڻ.

6)         ڪوٽڙي بيسن Kotri Basin جو ڊرينيج ڊيولپمينٽ اينڊ واٽر مئنيجيمينٽ پلان (پي ڊي ڊبليو ايم پي) تيار ڪرڻ ۽ انهن تي عمل درآمد ڪرڻ ته جيئن Drains ۾ سامونڊي ويرن جي اثرن کي روڪڻ وارن ڪمن ۽ ايل بي او ڊي مشن جي (IPOE)جي سفارشن جي روشني ۾ اڀياس ڪرائي سگھجن.

 

جاڳرتا مهم:

 هن حصي تحت سيڊا طرفان هن پراجيڪٽ جي باري ۾ جاڳرتا واريون سرگرميون شروع ڪيو وينديون. جيڪي هن ريت آهن:

 

1)      پاڻيءَ جو انتظام هلائڻ واري طريقيڪار کي سڌارڻ لاءِ رابطا مهم شروع ڪئي ويندي ته جيئن سڌارن سان لاڳاپيل مڙني ڌرين کي انهن سڌارن ۾ ڀرپور نموني شامل ڪري سگھجي.

 

2)      جاڳرتا ۽ رابطي واري ان مهم کي ٻين اسٽيڪ هولڊرن تائين پڻ ڦھلايو ويندو جن ۾ خاص طور تي اسيمبلين جا چونڊيل ميمبر، ناظم، آبادگارن جي گروپن جھڙوڪ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر، سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ ايگريڪلچر فورم توڙي آبادگارن جون ٻيون تنظيمون ۽ ادارا ۽ واسطيدار سرڪاري کاتا، جھڙوڪ زراعت وارو کاتو، روينيو بورڊ ۽ ٻيا شامل هوندا.

 

3)      سوشو ايڪانامڪ فورم جو قيام: سوشوايڪانامڪ فورم قائم ڪيو ويندو. جتي پاڻيءَ جي سڌارن ۽ پاڻي جي سڌريل انتظام سان تعلق رکندڙ مختلف موضوعن تي بحث مباحثو ڪيو ويندو. هن فورم تي سڌارن ۽ پاڻيءَ جي انتظام سان تعلق رکندڙ مک ڌرين، جھڙوڪ مقامي عام راءِ ٺاهيندڙ اين جي اوز جي عملي، فني ماهرن ۽ ايريا واٽر بورڊن، سيڊا، آبپاشي زرعي کاتي، آبادگار تنظيمين ۽ روينيو واري کاتي جي نمائندن کي گڏ ڪيو ويندو.

 آبادگار تنظيمن لاءِ تربيتي ادارو (FOTI).

 هن اداري کي آبادگار تنظمين جي اهليت وڌائڻ جي سلسلي ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هوندي. هن اداري ذريعي تربيتي سرگرمين جو ڄار وڇايو ويندو. ان جو مقصد نوان طريقا اختيار ڪري شاخن جي سطح تي پاڻيءَ جو انتظام هلائيندڙن جي اهليت سڌارڻ آهي ته جيئن انهيءَ سطح تي پاڻيءَ جو انتظام سڌاري سگھجي ۽ زرعي اپت ۾ واڌارو آڻي سگھجي.

 

 
 
 

سيڊا

 

ٽرانزيشن ونگ

 

ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن

 

هيومن ريسورسز ڊيولپمينٽ

 

آپريشن ونگ

 

فنانس ونگ

 
 

 

 

واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪ

 
 

 

 
(c) copyrights 2007, Sindh Irrigation and Drainage Authority, Government of Sindh
Site Coordinator: Nauman Rashid Memon, IT Specialist (SIDA), Tel:022-2610122. POWERED BY GENSOFT