سنڌ اريگيشن ائنڊ ڊرينيج اٿارٽي

سنڌ اريگيشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) جو تعارف ۽ مقصد

سنڌ اريگيشن ۽ ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) سنڌ جي آبپاشي ۽ سم جي پاڻئ جي نيڪال واري شعبي ۾ عبوري مرحلي دوران هڪ سرواڻ تنظيم آهي، سيڊا هڪ خودمختيار ادارو آهي، جنهن جو انتظام سنڌ واٽرمئنيجمينٽ آرڊيننس2002ع پٽاندر هلايو وڃي ٿو. هيءَ هڪ غيرنفعي بخش ادارو آهي، جنهن کي پنهنجو   ڪار وهنوار مالي طور پاڻڀرو ٿيڻ واري طريقي هيٺ هلائڻوآهي. سيڊا جو هيڊ ڪوارٽرحيدرآباد ۾ آهي، سيڊا جو مقصد سنڌ ۾ پاڻيءَ جي انتظام کي سڌارڻ آهي. هيءُ ادارو پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ لاءِ جاکوڙي ٿو ۽ آبادگارن جي ساٿ سان انهيءَ نظام کي هلائي ٿو.

آبپاشي نظام ۾ سڌارا هيٺين ٽن ادارن تي مشتمل آهن.

1.     سيڊا   (SIDA)

2.     ايريا واٽر بورڊ   (AWBs)

3.     آبادگار تنظيمون(FOs)

 آبپاشي نظام ۾ سڌارن واري پروگرام  جي سرواڻي سيڊا جي هٿ ۾ آهي، جنهن تحت نارا ڪينال، گهوٽڪي فيڊر ڪينال، اڪرم واهه ۽ ڦليلي واهه تي 3 ايريا واٽر بورڊ نارا ڪينال ايريا واتر بورڊ ميرپورخاص، گهوٽڪي فيڊر ڪينال ايريا واٽر بورڊ گهوٽڪي ۽ ليفٽ بئنڪ ڪينالس ايريا واٽر بورڊ بدين قائم ڪيا ويا آهن ۽ ڄاڻآيل ٽنهي ايريا واٽر بورڊن جي حدن ۾ هن وقت تائين نارا ڪينال ۾ 184 ، ليفٽ بئنڪ ڪئنالس ايريا واٽر بورڊ ۾ 93 ۽ گهوٽڪي فيڊر ڪئنال ايريا واٽربورڊ ۾  89 ايف اوز ٺهيون آهن، جن مان اڪثر ايف اوز کي  شاخن جو انتظام منتقل ڪيو ويو آهي.سيڊا، ايريا واٽر بورڊن ۽ آبادگار تنظيمن (ايف اوز) کي ملي هيٺيان اهم ڪم ڪرڻا آهن.

      1.      پاڻي جي انصاف ڀري ورڇ.

2.      پاڻيءَ جي چوريءَ کي روڪڻ.

3.      پڇڙين تائين پاڻِيءَ جي فراهمي.

4.      آبياني جي اوڳاڙي ڪرڻ.

5.       واهن ۽ شاخن جو انتظام هلائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لهڻ.

6.      کاري پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪوششون وٺڻ.

7.      پاڻيءَ جي زيان کي روڪڻ.

8.      پاڻيءَ جو مناسب استعمال ممڪن بنائڻ.

 انهن مڙني اپائڻ جو مقصد هيءُ آهي ته آبپاشي سڌارن وسيلي ملڪي معشيت جي مضبوطيءَ جو نتيجو ماڻي سگھجي.

 شراڪتي انتظام (Participatory Management)

1997ع ۾سنڌ سرڪار آبپاشي نظام جي سڌاري لاءِ پروگرام جوڙيو، سنڌ اسيمبليءَ هڪ ايڪٽ منظور ڪيو. جنهن کان پوءِ اريگيشن ۽ ڊرينيج جي ڍانچي جي انتظام کي صوبائي آبپاشي کاتي کان  سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي، ايريا واٽر بورڊن ۽ آبادگار تنظيمن جي حوالي ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. جنهن جو مقصد  آبادگارن ۾ برابريءَ جي بنياد تي پاڻيءَ جي ورڇ ڪرڻ ۽ خاص طور تي پڇڙين تائين پاڻيءَ جي فراهميءَ کي سڌارڻ، پاڻي فراهميءَ واري سرشتي تي آبادگارن جي ڀروسي جي بحالي. ۽ سڌارن تي عملدرآمد لاءِ آبپاشي ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال واري سرشتي جو انتظام هلائڻ ۾ هر سطح تي آبادگارن جي شموليت ۾واڌارو ڪرڻ آهي. هن وقت سيڊا ، ايريا واٽر بورڊ ۽ آبادگار تنظيمون (ايف اوز) آبادگارن جي شراڪت وسيلي آبپاشي نظام ۾ بهتري ۽ سڌارو آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن